چشتي حڪيم شمس الدين

چشتي حڪيم شمس الدين: حڪيم شمس الدين چشتي ولد فقير محمد امرتسر ۾ ڄائو. هن ابتدائي تعليم پنهنجي والد ۽ مولانا محمد عالم ’آسي‘، امر تسر واري کان حاصل ڪئي. 1944ع ۾ طبيه ڪاليج لاهور مان ’حڪيم حاذق‘ جو امتحان پاس ڪيائين. بستي شريف (هوشيار پور) جي سجاده نشين خواجه ميان محمد خان چشتي نظاميءَ جي هٿ تي بعيت ڪيائين. 1947ع ۾ هجرت ڪري پاڪ پتڻ شريف ۾ وڃي مستقل طور رهيو، جتي هن فلاحي ۽ اصلاحي ڪمن ۾ ڀرپور حصو ورتو. هيءُ بابا فريد گنج شجر جي مزار تي ايندڙ فقيرن، درويشن، عالمن، ۽ مزار جي خادمن جو علاج ڪندو هو. ’مسعوديه علويه‘ لائبرريءَ جي سار سنڀال سندس ذمي هئي. بابا فريد جي عرس جي موقعي تي پنهنجي گهر جي ٻاهران ٿڌي پاڻيءَ جي سبيل لڳائيندو هو، جيڪا سندس وفات کان پوءِ سندس فرزند حڪيم سديد الدين سنڀالي. هيءُ هڪ سٺو خطاط به هو. حڪيم شمس الدين چشتيءَ، 14 جون 1993ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1993.06.14  عيسوي

حڪيم شمس الدين چشتيءَ، 14 جون 1993ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

قاضي عبدالرسول
اردشير ڪائوسجي
حاجب رام
سيد محبوب علي شاهه1
محمد حسين سومرو
جميل جالبي ڊاڪٽر
راشدي سليم
پير آغا عبدالرحيم رح
ڀَنڀو
ڄام گل محمد خان سهتو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون